تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بينظير سوشل پروٽيڪشن اڪائونٽ جو مقصد ضرورتمند عورتن کي ادائيگي جو اثرائتو نظام فراهم ڪرڻ آهي: شازيا مري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن ۽ وفاقي وزير شازيا مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفن ۽ ادائگين ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ بينظير سوشل پروٽيڪشن اڪائونٽ جي شروعات ڪئي وئي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته بينظير سوشل پروٽيڪشن اڪائونٽ جو مقصد ضرورتمند عورتن کي ادائيگي جو اثرائتو نظام فراهم ڪرڻ آهي، جيڪڏهن عورتون  ڪنهن بئنڪ جي خدمتن مان مطمئن ناهن ته ٻي بئنڪ پنهنجو اڪائونٽ کولي سگهن ٿيون.

هن چيو ته حڪومت  هڪ سال پنجن مهينن ۾ بي آءِ ايس پي جي بجيٽ ۾ 72 سيڪڙو اضافو ڪيو، هاڻي پروگرام جي بجيٽ 471 ڏهائي 68 ارب ٿي وئي آهي.

شازيا مري چيو ته ضرورتمند عورتن جو انگ 72 لکن کان وڌي 90 لک ٿي ويو آهي، ٽه ماهي وظيفو 7 هزار مان وڌائي 8 هزار 750 رپيا ڪيو ويو ويو آهي.

وفاقي وزير چيو ته بينظير تعليمي وظيفي ۾ 70 لک 52 هزار کان وڌيڪ ٻار رجسٽر ٿي چڪا آهن، بينظير نشو نما پروگرام ۾ واڌ ڪري پندرهن ضلعن کان سڄي ملڪ ۾ پکيڙيو ويو آهي.

شازيا مري چيو ته بينظير نشو نما بجيٽ ۾ 285 سيڪڙو اضافو ڪري ضرورتمندن جو انگ 8 لک 50 هزار ڪيو ويو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کدڙن فقيرن جي تڪليفن کي سامهون رکندي کين بينظير ڪفالت ۾ شامل ڪيو ويو.

وفاقي وزير چيو ته 28 لک ٻوڏ متاثرن ۾ 25 هزار في خاندان جي حساب سان 70 ارب رپيا ورهايا ويا، بينظير انڊر گريجوئيٽ حاصل ڪندڙ شاگردن جو انگ 82 هزار کان وڌائي 92 هزار 3 ڪيو ويو آهي، نئين مالي سال ۾ بينظير ڪفالت ۾ 3 لک خاندانن کي شامل ڪرڻ جو منصوبو آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
35 %
1.7kmh
99 %
آچر
24 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون