تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بينظير ڀٽو يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مظاهرو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

لاڙڪاڻي ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان ھاسٽل ۾ سھولتن جي کوٽ ۽ يونيورسٽي انتظاميه جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي شاگردن ڏاڏو اسامه نظير، پير عبدالباقي، طفيل سومري، فياض کوسي، نجف علي ڀيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميه طرفان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻين کي هاسٽل الاٽمينٽ نٿي ڏني وڃي.

هنن چيو ته گرلس هاسٽل روڊ تي اسٽريٽ لائيٽ سميت سيڪيورٽي جا به ڪي خاص انتظام ناهن، هاسٽل توڙي ميسز تي کاڌ خوراڪ جو سامان مهانگائي اگهه تي وڪرو ڪيو وڃي،  اهڙن مسئلن بابت گرلس هاسٽل جي پرووسٽ فريده کي شڪايتون ڪيون ويون آهن پر ان باوجود بنيادي مسئلا حل ٿي نه سگهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن چيو ته مسئلا حل ڪرڻ بدران هاسٽل الاٽمينٽ جي نالي تي شاگردياڻين کي هيسائي مختلف طريقن سان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽارچر ڏئي گرلس هاسٽل جي پرووسٽ فريده طرفان ايف آءِ آر ۽ داخلا رد ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن  اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته يونيورسٽي ۾ ڪرپشن جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
33 %
4kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون