بي آر ٽي پراجيڪٽ ۾ اڳواٽ ئي گهڻي دير ٿي چڪي آهي، وڌيڪ دير برداشت نه ٿي ڪري سگهجي : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بي آر ٽي پراجيڪٽ ۾ اڳواٽ ئي گهڻي دير ٿي چڪي آهي، وڌيڪ دير برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. ڪراچي ۾ سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪمال دايو، ٽرانس ڪراچي جي وقتي سي اي او شمائله محسن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ رٿا کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته  اڳ کان وڌيڪ  محنت ڪرڻي پوندي ته جيئن منصوبو وقت سر مڪمل ٿئي ۽ عوام لاڀ حاصل ڪري سگهي. صوبائي وزير چيو ته عوام بي صبري سان منصوبو مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، سمورا اسٽيڪ هولڊر  گڏ ويهي منصوبي جي راهه  ۾ ايندڙ رنڊڪون ختم ڪرڻ کي يقيني بڻائن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
13%
3.3m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون