تازه ترين

تحريڪ انتشار جي سربراهه آخرڪار 9 مئي واقعي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ رٿابنديءَ  واري ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي : عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انتشار جي سربراهه آخرڪار 9 مئي واقعي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ رٿابنديءَ  واري ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست سدائين تشدد ۽ شرپسنديءَ ذريعي رياست کي نقصان پهچائڻ جي چوڌاري گهمي ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سدائين لاشن جي سياست ڪئي آهي، 9 مئي تي 200 کان وڌيڪ فوجي ٿاڪن ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملا ڪيا، ڪور ڪمانڊر هائوس ٻاهران  پي ٽي  آءِ باني جي خاندان جا ماڻهو موجود هئا، جيڪي حملن جي اجازت ڏيندا رهيا. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ هر اهو ڪم ڪيو، جيڪو ملڪ دشمن به نه ڪري سگهي، شرپسند ۽ ڏڦيڙي ٽولي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گهرج آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
41 %
5.1kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون