- Advertisement -
تحريڪ انصاف، جسٽس رٽائرڊ تصدق حسين جيلاني جي سربراهي ۾ ٺهندڙ ڪميشن رد ڪندي ان کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته هو جسٽس رٽائرڊ تصدق حسين جيلاني جي سربراهي ۾ ٺهندڙ ڪميشن کي رد ڪن ٿا.
هن چيو ته رڳو حاضر سروس ججن جي ڪميشن ٺاهي وڃي، هو رٽائرڊ جج تي ٻڌل ڪميشن کي قبول نه ڪندا.
بئريسٽر گوهر چيو ته ميمو گيٽ ۽ اليڪشن انڪوائري ڪميشن طرز تي ڪميشن ٺاهي وڃي- Advertisement -
