تازه ترين

تحريڪ انصاف جي باني جي آزادي لاءِ پارليامينٽ ٻاهران بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي

- Advertisement -
تحريڪ انصاف جي باني جي آزادي لاءِ پارليامينٽ ٻاهران بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي، بئريسٽر گوهر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته احتجاج جو مقصد ناانصافي ۽ زيادتي ختم ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ بانيءَ کي آزادي ڏيارڻ آهي. پي ٽي آءِ  اڳواڻن طرفان اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات بعد پارليامينٽ هائوس ٻاهران بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي، جنهن ۾ بئريسٽر گوهر علي خان سميت پي ٽي  آءِ اڳواڻ اسد قيصر، علي محمد خان،  فلڪ ناز چترالي ۽ ٻيا موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته هنن پنهنجا خدشا  قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر آڏو رکيا. هن چيو ته غير آئيني ۽ غير قانون ڪم ٿي رهيا آهن، هن ايوان جي سربلنديءَ لاءِ هتي  ويٺا آهن، سندن علامتي احتجاج رات اٺين وڳي تائين روزانو رهندو. بئريسٽر گوهر چيوته احتجاج جو مقصد ناانصافي ۽ زيادتي ختم ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ بانيءَ کي آزادي ڏيارڻ آهي. مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو ته فارم 47 حڪومت جي ٻيڙي ۾ پاڻي اچي چڪو آهي، بچڻ ممڪن ناهي. اسد قيصر چيو ته ٻڌايو وڃي ته پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ تي ڪهڙي قانون تحت حملو ڪيو ويو آهي، ڏيکاريو پيو وڃي ته ملڪ کي طاقت جي زور تي هلايو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
34 %
3kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون