- Advertisement -
وفاقي وزير انجيئر امير مقام چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي سياست جو مقصد ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، خيبرپختونخوا ۾ امن امان قائم ڪرڻ ضروري آهي، ڪي پي ۾ ڪيترن ئي ورهين کان حڪومت ڪندڙ پارٽي عوام سان دوکو ڪري پئي، وزراعظم جي قيادت ۾ ڏينهن رات ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي.
سوات ۾ تقريب کي خطاب ڪندي امير مقام چيو ته ملڪ ترقي طرف وڌي رهي آهي، وزراعظم جي قيادت ۾ ڏينهن رات ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته سندن ايجنڊا عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، تحريڪ انصاف جي سياست جو مقصد ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي.
وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته خيبرپختونخوا ۾ امن امان قائم ڪرڻ ضروري آهي، ڪي پي ۾ گذريل ڪيترن ئي ورهين کان حڪومت ڪندڙ پارٽي عوام کي دوکي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو.
هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ ترقياتي ڪمن ۽ منصوبن لاءِ عوام ڏسي رهيو آهي، حڪومت سخت محنت ڪري مهانگائي جي جن تي ضابطو آندو.
وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي ڪري سنگل ڊيجيٽ تي اچي وئي آهي، معصوم عوام کي تحريڪ انصاف پنهنجي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري پئي، عوام پي ٽي آءِ قيادت جي ڳچي پڪڙي ۽ پنهنجا حق حاصل ڪري.- Advertisement -
