- Advertisement -
پي ٽي آءِ باني جو توشه خانا ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جي سزا واري فيصلي خلاف ٻيهر سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري سزا معطل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
تحريڪ انصاف جي وڪيلن رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري ٻيهر درخواست داخل ڪئي.
پي ٽي آءِ باني جي وڪيل طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته جج همايون دلاور توشه خانه ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ کي ٽي سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.
درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي وئي ته ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪيو وڃي- Advertisement -
