تازه ترين

تحريڪ انصاف ٻن هفتن اندر مخالف ڌر جو وڏو اتحاد ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
تحريڪ انصاف مخالف ڌر جي پارٽين سان گڏجي گرينڊ الائنس ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ اسد قيصر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمر ايوب چيوته مهانگا پاور پلانٽ پ پ ۽ ن ليگ جي غلطي آهي، موجوده حڪومت عوام ۽ ادارن وچ ۾ وڇوٽيون وڌائي رهي آهي. هن چيو ته فلسطين ۾ مسلمانن جي رتوڇاڻ ٿي رهي آهي، اسرائيلي قدمن سان مسلمانن جي ڏک ۽ ڪاوڙ وڌي رهي آهي، اولهه جا ملڪ صورتحال تي خاموش آهن. عمر ايوب چيو ته 5 آگسٽ تي صوابي جلسي ذريعي عوام پي ٽي  آءِ بانيءَ سان محبت جو ثبوت ڏين. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته چيف جسٽس تبديل ٿيو ته نوازشريف واپس اچي ويو، توشا خاني بابت ڪيس ٻڌي ميرٽ تي فيصلو ڪرڻ گهرجي، بشريٰ بيبي کي ڪهڙن ڪيسن ۾ جيل ۾ رکيو ويو آهي؟ سندس ڏوهه ڪهڙو  آهي؟ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ گرينڊ الائنس ٺاهيو پيو وڃي، جنهن لاءِ سمورين پارٽين سان صلاح مشورا ٿيندا. هن چيو ته بجلي جي اگهن ۾ اضافو ڪنهن به صورت قبول ناهي، ملڪ آئين ۽ قانون موجب هلندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
45 %
2.7kmh
19 %
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون