- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي ملڪي ترقي هضم نه ٿي رهي آهي، مختلف ملڪن جا سربراهه ۽ وفد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن، ايس سي او اجلاس کي متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، علي امين گنڊا پور وفاق خلاف سرڪاري هٿيار استعمال ڪري رهيو آهي، ڪنهن کي ڊي چوڪ ويجهو گند اڇلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پي ٽي آءِ کي ملڪي معيشيت بهتر ٿيڻ تي تڪليف آهي، ڪنهن کي قانون ٽوڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ کي سفارتي سطح تي اڪيلو ڪري ڇڏيو هو، وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوششن سان سفارتي سطح تي اڪيلائي ختم ٿي، سڄي دنيا پاڪستان جي معاشي پاليسين جي ساراهه ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ نه رڳو فلسطين بابت ڀرپور آواز اٿاريو پر ڪشمير ڪاز لاءِ به آواز بلند ڪيو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته جڏهن ملائيشيا جو وزيراعظم پاڪستان جي دوري تي هو ته تحريڪ انصاف فيصلو ڪيو ته ڊي چوڪ طرف مارچ ڪيو وڃي، هڪ طرف ملڪ ۾ سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، معيشيت ۾ بهتر ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، ٻئي پاسي ڪي پي صوبي ۾ ڏڦيڙ، تشدد ۽ تباهي جا منظر آهن.
هن چيو ته هن ڌرڻي ۽ مارچ جو سبب ڪهڙو آهي؟، تحريڪ انصاف کان ڪڏهن به ملڪ جي ترقي هضم ناهي، هنن کي ملڪي حالتون ڏسي ننڊ نٿي اچي ۽ پي ٽي آءِ وارن کي ترقي ڏسي ننڊ نٿي اچي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته مختلف ملڪن جا سربراهه ۽ وفد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن، ايس سي او اجلاس کي متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، علي امين گنڊا پور وفاق خلاف سرڪاري هٿيار استعمال ڪري رهيو آهي، ڪنهن کي ڊي چوڪ ويجهو گند اڇلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪنهن کي قانون ٽوڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.- Advertisement -
