تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي ۾ هڪ دفعو ٻيهر رابطو بحال

- Advertisement -
تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي ۾ هڪ دفعو ٻيهر رابطو بحال ٿيو آهي، پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ٽيم پاران اڄ جماعت اسلامي جي قيادت سان ملاقات جو امڪان آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لطيف کوسه، جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ سان فون تي رابطو ڪيو. جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته سياسي پارٽين ۾ ڳالهيون جا رستا هميشه کليل رهندا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسا چيو ته هو سمجهي ٿو ته جماعت اسلامي سان اتحاد وارو عمل رڳو خيبرپختونخوا ۾ ئي نه پر وفاقي سطح تي به هئڻ گهرجي، اڄ سندس پي ٽي آءِ باني سان سندس ملاقات آهي، ملاقات بعد جماعت اسلامي جي قيادت سان رابطو ڪندا. لاهور ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عامر ڊوگر به جماعت اسلامي جي مقامي اڳواڻن سان رابطا ڪيا ۽ چيو ته اسد قيصر جي سربراهيءَ ۾ پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ٽيم جماعت اسلامي جي قيادت سان ملڻ چاهي ٿي، ملاقات جو وقت ۽ هنڌ جي چونڊ قيادت سان صلاح مشوري بعد ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون