تازه ترين

تحريڪ طالبان جا دهشتگرد ٽولا پي ٽي آءِ وارن سان گڏ آهن:خواجه آصف

- Advertisement -
حڪومت تحريڪ انصاف سان ڳالهين جو امڪان رد ڪري ڇڏيو، خواجه آصف جو چوڻ آهي ته تحريڪ طالبان جا دهشتگرد ٽولا پي ٽي آءِ وارن سان گڏ آهن، ٽي ٽي پي دهشتگرد تنظيم  تحريڪ انصاف جي بي ٽيم آهي،  پي ٽي آءِ وارا لاش ڪيرائڻ چاهين ٿا، ماڻهو مارائڻ سازش جو حصو آهي، ڀارتي پرڏيهي وزير کي تحريڪ انصاف ڪهڙي بنياد تي دعوت ڏني آهي، معيشيت بحال ٿيندي نظر اچي رهي آهي، جلد مڪمل طور بحال ٿي ويندي. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڏهن سالن بعد تحريڪ انصاف اها ئي سازش اختيار ڪئي آهي، 2014ع ۾ چيني صدر جي آمد تي ڌرڻو هنيو هو، هاڻي شنگهائي سهڪاري تنظيم اجلاس جي موقعي تي به اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته هاڻي به هٿياربند جٿا اچي رهيا آهن، جن ۾ سوين افغاني موجود آهن، تحريڪ انصاف جي احتجاج مان افغانين جون گرفتاريون به ٿيون آهن، خبر ناهي گرفتار ٿيل افغاني طالبان آهن يا افغان شهري آهن. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته تحريڪ انصاف جي هڪ هٿياربند تنظيم آهي جيڪا افغانستان کان هتي منتقل ڪئي وئي، جٿن جي قيادت ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ڪري رهيو آهي، هڪ صوبي جو وڏو وزير ٻئي صوبي تي حملو ڪري رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ سرڪاري پيسا ۽ وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. بچاءَ واري وزير چيو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير کي ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي، هڪ طرف افغانين کي دعوت ڏئي رهيا آهن، ٻئي پاسي ڀارت کي به گهرائي رهيا آهن، تحريڪ انصاف کان پڇا ڪئي وڃي ته اهڙو بيان ڇو ڏنو ويو. خواجا آصف چيو ته جڏهن هٿياربند جٿا اچي رهيا آهن ته وفاقي حڪومت جو ريسپانس ڪهڙو هئڻ گهرجي، اقتدار جي محرومي ۾ پاڪستان سان وفاداري کي به وساريو ويو آهي، پي ٽي آءِ باني پنهنجي دور ۾ سموري اپوزيشن کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو هو، سندن طرفان ڪڏهن به ملڪ جي مفاد خلاف ڳالهه نه ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون