- Advertisement -
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان داعش ۽ ڪرد دهشتگردن کي قيادت سميت جلد ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته داعش ۽ پي ڪي ڪي يا ان سان ڳالاپيل ماڻهن کي جيڪي شام لاءِ خطرو آهن، انهن کي ضرور ختم ڪرڻ گهرجي.
جاري ڪيل بيان ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو ته دهشتگرد ٽولن، داعش ۽ ڪردن جي خاتمي جو وقت اچي ويو آهي، هي دهشتگرد ٽولا شام جي بقا لاءِ خطرو آهن.
سندس چوڻ هو ته داعش ۽ پي ڪي ڪي يا ان سان ڳالاپيل ماڻهن کي جيڪي شام لاءِ خطرو آهن، انهن کي ضرور ختم ڪرڻ گهرجي.
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو ته ترڪيه اهو سمجهي ٿو ته سيرين ڊيموڪريٽڪ فورسز هڪ دهشتگرد تنظيم آهي، ڇو ته ان تي واءِ پي جي قابض آهي.
هن چيو ته ترڪيه حڪومت دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ۽ هر ان ٽولي خلاف قدم کنيا پيا وڃن جيڪو ترڪيه لاءِ خطرو ٿي سگهي ٿو.
ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو ته سندن لاءِ اهو ناممڪن آهي ته هو ڪنهن به قسم جو خطرو برداشت ڪن، اميد آهي ته شام جي نئين حڪومت اهڙن ٽولن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو رستو اختيار نه ڪندي- Advertisement -
