- Advertisement -
تنگواڻي ٿاڻي جي حد مان هڪ مهينو اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن مغوين کي راڄوڻي ڪوشش بعد بازياب ڪرايو ويو.
هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل منصور پٺاڻ ۽ غلام رسول بکراڻي کي راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب ڪرايو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 20 لک رپيا ڀنگ ڀرڻ بعد ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو ويو.
واضح رهي ته هڪ مهينو اڳ ڌاڙيل منصور پٺاڻ ۽ غلام رسول بکراڻي کي اغوا ڪري وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو هو.- Advertisement -
