تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

حق جي جنگ ۾ فتح ٽنهي هٿياربندن فوج جي ڀائيچاري، جارحاڻي فيصلا سازي ۽ فيلڊ مارشل جي قيادت جو نتيجو آهي: ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو

- Advertisement -
هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو چيو آهي ته حق جي جنگ ۾ فتح ٽنهي هٿياربندن فوج جي ڀائيچاري، جارحاڻي فيصلا سازي ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت جو نتيجو آهي، قومي خودمختاري کي ٻيهر چئلينج ڪيو ويو ته دشمن سندن هوائي فوج کي وڌيڪ مضبوط ۽ بهتر تيار ڏسندو. پي اي ايف اڪيڊمي رسالپور ۾ گريجويشن جي پروقار تقريب کي خطاب ڪندي ايئي چيف مارشل ظهير احمد سڌو چيو ته پي اي ايف اڪيڊمي ۾ سعودي ڪيڊٽس جي موجودگي ٻنهي عظيم ملڪن ۽ سندن هٿياربند فوج وچ ۾ مضبوط دوستي ۽ سهڪار جي علامت آهي. هن ڪيڊٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي وطن جي هوائي حدن جي دفاع جي مقدس مقصد جو امين بڻايو ويو آهي، سڄي قوم جون اميدون اوهان جي نوجوان ڪلهن تي آهن. سندس چوڻ هو ته قوم ۽ پاڪ فوج اتحاد جو شاندار مثال پيش ڪندي دشمن کي عددي سرسي باوجود عبرتناڪ شڪست ڏني. هوائي فوج جي سربراهه چيو ته حق جي جنگ ۾ حاصل ٿيل فيصلائتي سرسي قومي طاقت جي سمورن عنصرن جي متحد ڪردار ۽ سڀ کان وڌيڪ الله پاڪ جي خاص رحمت جو نتيجو هئي. ايئر چيف مارشل ظهير احمد سڌو چيو ته جڏهن پاڪستان جي خودمختاري تي حملو ڪيو ويو، هوائي فوج گهٽ تعداد ۾ وڙهڻ جي روايتي ميراث کي برقرار رکندي دشمن جي سڀ کان جديد جهاز تباهه ڪيا. سندس چوڻ هو ته سندن مقصد عزت سان امن قائم ٿئي، دنيا ان کان اڳ ڪڏهن هوائي طاقت جي ايتري جرئت منداڻي استعمال کي نه ڏٺو هو، 2025ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هوائي فوج پنهنجي پيشواراڻي صلاحيت ۽ سمورن شعبن ۾ سرسي کي ثابت ڪيو. هوائي فوج جي سربراهه چيو ته ملڪي سلامتي کي ڪوبه نقصان پهچائڻ نه ڏنو ويندو، هو هوائي فوج جي هر فرد کي سندس پيشواراڻي عمل ۽ ڏکي حالتن ۾ سخت محنت تي ڀيٽا پيش ڪن ٿا. ايئر چيف مارشل ظهير احمد سڌو چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ سڀني سان دوستاڻا لاڳاپا قائم رکڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن ته سندن قومي خودمختاري کي ٻيهر چئلينج ڪيو ويو ته دشمن هوائي فوج کي وڌيڪ مضبوط ۽ بهتر تيار ڏسندو. هن چيو ته هڪ ايٽمي طاقت طور سندن لاڳاپا عالمي ۽ علاقائي اهم طاقتن سان وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون