تازه ترين
راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر پهچي سندس گهرڀاتين سان ملاقات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي

توانائي شعبي ۾ گردشي قرض ۾ هڪ سئو ارب رپيا اضافي تي آءِ ايم ايف ڳڻتيءَ جو اظهار

- Advertisement -
توانائي شعبي ۾ گردشي قرض ۾ هڪ سئو ارب رپيا اضافي تي آءِ ايم ايف ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته عالمي مالياتي جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ پاڪستان جو قرض پروگرام شامل ناهي. ذريعن موجب حڪومت پاور سيڪٽر جي گردشي پلان آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيو آهي، جنهن موجب پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 2 ارب رپين کان وڌي ويو آهي ۽ جون 2025ع تائين بجلي جي شعبي جو گردشي قرض 25 سئو 50 ارب رپين کان وڌي ويندو. آءِ ايم ايف پاور سيڪٽر جو گردشي ڪنٽرول نه ٿيڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي قرض 25 سئو ارب رپين کان نه وڌڻ جو مطالبو ڪيو آحي. حڪومت آءِ ايم ايف کي پاور سيڪٽر جو گردشي قرض ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽيرف ايڊجسٽمينٽ وقت سر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. گذريل مالي سال به آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيل پلان موجب پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 23 سئو 10 ارب رپيا ڪرڻو هو پر ائين نه ٿي سگهيو هو. آءِ ايم ايف جي شرطن موجب گردشي قرض ڪنٽرول نه ٿيو ته معاهدي جي ڀڃڪڙي  ٿيندي. هوڏانهن آءِ ايم ايف بورڊ جي هڪ وڌيڪ اجلاس جو ڪلينڊر جاري ڪيو ويو آهي، ان ۾ پڻ پاڪستان جو قرض پروگرام شامل ناهي. آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيٽو بورڊ 18 سيپٽمبر تائين اجلاسن جي ڪلينڊر ۾ پاڪستان جو 7 ارب ڊالر جو قرض پروگرام شامل ناهي، ايگزيڪيٽو بورڊ 18 سيپٽمبر کي سيرينام جي ستين جائزي جي منظوري ڏيندو. ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح تي معاهدو 12 جولاءِ تي ٿيو هو، پاڪستان کي اڃا تائين  ٻاهرين فنانسنگ گيپ کي پورو ڪرڻ ۾ ڏکيائيون آڏو آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19 ° C
19 °
19 °
38 %
4.5kmh
24 %
سُومر
18 °
اڱارو
26 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون