تازه ترين

تيراهه وادي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيل لفيٽننٽ عذير محمود شهيد ٿي ويو

- Advertisement -
تيراهه وادي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيل لفيٽننٽ عذير محمود شهيد ٿي ويو. 9 آگسٽ تي دهشتگردن سان مقابلي ۾ زخمي ٿيل ليفٽيننٽ عذير محمود سي ايم ايڇ پشاور ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيل لفيٽننٽ عذير محمود جي جنازي نماز ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ ٻين آفيسرن توڙي جوانن شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته لفيٽننٽ عذير محمود ملڪ مقابلي ۾ زخمي ٿيو هو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن. آءِ ايس پي آر موجب ڌرتي جي بهادر پٽن جون قربانيون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سندن عزم کي هٿي ڏين ٿيون. پاڪ فوج جي ترجمان موجب دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿيل ليفٽيننٽ عذير محمود ملڪ جي عمر 24 سال 8 مهينا هئي ۽ سندس تعلق اٽڪ ضلعي سان آهي. آءِ ايس پي آر موجب شهيد ليفٽيننٽ عذير ملڪ سوڳوارن ۾ والدين ۽ ڀيڻ ڀاءُ آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
31 %
3.1kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون