- Advertisement -
نوشهروفيروز جي عدالت ۾ جتوئي ڀائرن خلاف 6 مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جن مان 5 ڪيسن جي ٻڌڻي 2 ۽ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.
ٻڌڻي بعد سيشن ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته ورڪ سسپينڊ جي جي ڪري ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ٿي آھي.
مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته ايم اين اي جي گهر مان لڳل ڌاڙي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي بهتر آھي، پوليس جي سٺي ڪم جي تعريف ڪبي.
سندس چوڻ هو ته ان مان اها ڳالهه ظاهر آھي ته پوليس جيڪڏهن چاهي ته ڪنهن به ڏوهه تائين پهچي سگهي ٿي.
غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته نوشھروفيروز جي موبائل مارڪيٽ مان ٿيل ڪروڙين رپين جي چوري به واپس ٿيڻ گهرجي جنهن بابت ايس ايس پي ٻڌايو به آھي.
اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته رڳو ايم اين اي جي رڪوري نه ٿيڻ گهرجي پر عام ماڻھوءَ جي رڪوري به ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته ڏوهاري کي سياسي پٺڀرائي حاصل هئڻ سبب پوليس گهڻن ڪيسن تائين نٿي پهچي، بدقسمتي سان ڏوهارين کي سياسي پٺڀرائي حاصل آهي.
غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته پوليس کي اڻ ڌريو ڪيو وڃي ته پوليس بهتر ڪم ڪري سگهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته پوليس جيڪڏهن چاهي ته صوبائي گهرو وزير جي جي گهر کي باهه ڏيڻ وارن جوابدارن تائين به پهچي سگهي ٿي.
غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته نومبر ۽ ڊسمبر مهينا اهم آھن، مان پهريان به چيو هو ته 26 کانپوءِ 27 هين ترميم به ايندي، هاڻي 28 ترميم جي تياري شروع ٿي وئي آھي اها ڊسمبر ۾ يا جنوري ۾ اچڻي آھي.
سندس چوڻ هو ته 28هين ترميم دوران اصل امتحان پيپلز پارٽي جو آھي جيڪا پاڻ کي جمهوريت جو چئمپين سمجهندي آهي.
غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته 27هين ترميم ۾ ڪجهه ڏنو ڪجهه ورتو پر هاڻي 28 ۽ 29هين ترميم ۾ جيڪو اچڻو آهي ڏسڻو اهو آهي ته هاڻي پيپلز پارٽي ڪهڙي پاسي بيهندي.- Advertisement -
