تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جتوئي ڀائرن خلاف 5 ڪيسن جي ٻڌڻي 2 ۽ هڪ جي 17ڊسمبر تائين ملتوي

- Advertisement -
نوشهروفيروز جي عدالت ۾ جتوئي ڀائرن خلاف 6 مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جن مان 5 ڪيسن جي ٻڌڻي 2 ۽ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي 17 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي بعد سيشن ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته ورڪ سسپينڊ جي جي ڪري ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ٿي آھي. مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته ايم اين اي جي گهر مان لڳل ڌاڙي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي بهتر آھي، پوليس جي سٺي ڪم جي تعريف ڪبي. سندس چوڻ هو ته ان مان اها ڳالهه ظاهر آھي ته پوليس جيڪڏهن چاهي ته ڪنهن به ڏوهه تائين پهچي سگهي ٿي. غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته نوشھروفيروز جي موبائل مارڪيٽ مان ٿيل ڪروڙين رپين جي چوري به واپس ٿيڻ گهرجي جنهن بابت ايس ايس پي ٻڌايو به آھي. اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته رڳو ايم اين اي جي رڪوري نه ٿيڻ گهرجي پر عام ماڻھوءَ جي رڪوري به ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڏوهاري کي سياسي پٺڀرائي حاصل هئڻ سبب پوليس گهڻن ڪيسن تائين نٿي پهچي، بدقسمتي سان ڏوهارين کي سياسي پٺڀرائي حاصل آهي. غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته پوليس کي اڻ ڌريو ڪيو وڃي ته پوليس بهتر ڪم ڪري سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته پوليس جيڪڏهن چاهي ته صوبائي گهرو وزير جي جي گهر کي باهه ڏيڻ وارن جوابدارن تائين به پهچي سگهي ٿي. غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته نومبر ۽ ڊسمبر مهينا اهم آھن، مان پهريان به چيو هو ته 26 کانپوءِ 27 هين ترميم به ايندي، هاڻي 28 ترميم جي تياري شروع ٿي وئي آھي اها ڊسمبر ۾ يا جنوري ۾ اچڻي آھي. سندس چوڻ هو ته 28هين ترميم دوران اصل امتحان پيپلز پارٽي جو آھي جيڪا پاڻ کي جمهوريت جو چئمپين سمجهندي آهي. غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته 27هين ترميم ۾ ڪجهه ڏنو ڪجهه ورتو پر هاڻي 28 ۽ 29هين ترميم ۾ جيڪو اچڻو آهي ڏسڻو اهو آهي ته هاڻي پيپلز پارٽي ڪهڙي پاسي بيهندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
51 %
1.4kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون