- Advertisement -
جرمني جي صدر فرينڪ والٽر جرمن پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، جرمن صدر فرينڪ والٽر اسيمبلي ٽوڙڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو ته نيون چونڊون ئي ملڪ کي مضبوط حڪومت ڏيڻ جو واحد رستو آهن.
جرمن صدر طرفان اهو حڪم چانسلر آف اولف شولز سان قائم اتحاد جي خاتمي تي سامهون آيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ جرمني جي صدر فرينڪ والٽر چيو ته فيصلو پارٽي صلاح مشوري بعد ڪيو آهي، سياسي پارٽين ۾ موجود پارليامينٽ تحت حڪومت ٺاهڻ تي اتفاق ناهي ٿي سگهيو.
جرمن صدر جو چوڻ هو ته مشڪل وقت آهي پر هڪ مضبوط حڪومت ان وقت ٺهي سگهي ٿي جڏهن اڪثريت هوندي، ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي………- Advertisement -
