جسٽس عرفان سعادت خان سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو 24 چيف جسٽس بڻجي ويو.
چيف جسٽس، جسٽس عرفان سعادت خان وقتي چيف جسٽس طور عھدي جو قسم کڻي ورتو.
وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس عقيل عباسي قسم کڻايو.
جسٽس عرفان سعادت جي قسم کڻڻ جي تقريب ۾ ججن ۽ وڪيلن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ عهدي جو مدو مڪمل ٿيڻ بعد گذريل ڏينهن ريٽائر ٿي ويو هو.
