- Advertisement -
جنگي جنون ۾ مبتلا اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو يرغمالين جي آزادي لاءِ حماس جا شرط مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ اسرائيلي وزيراعظم چيو ته مٿس تمام گھڻو دٻاءُ آهي ته پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ کانسواءِ جنگ ختم ڪن ۽ ڪنهن به قيمت تي يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ معاهدي تي پهچي سگهن پر هو حماس جون شرطون قبول نٿا ڪري سگهن.
نيتن ياهو چيو ته حماس جا شرط مڃڻ ۽ يرغمالين کي واپس آڻڻ جو مطلب اهو هوندو ته اسرائيلي رياست حماس جي سامهون پنهنجي شڪست قبول ڪئي آهي.
ٻئي پاسي اسرائيلي ريڊيو سان ڳالهائيندي اسرائيلي وزير بيزليل سيموٽرڪ چيو ته نيتن ياهو واضح ڪري چڪو آهي ته اسرائيلي يرغمالين جي آزادي جي ڪا به قيمت ادا نه ڪندا.
سيموٽرڪ چيو ته يرغمالين جي آزادي اسرائيلي وزيراعظم لاءِ به تمام ضروري آهي، ان جي ڪا به قيمت ادا نه ڪئي ويندي پر غزه تي فوجي دٻاءُ وڌائڻ دوران حماس کي شڪست ڏئي سمورن يرغمالين کي آزاد ڪرايو ويندو.- Advertisement -
