- Advertisement -
جوهي ويجهو پورهيت روڊ ٺاهيندڙ موٽر گريڊر مشين هيٺان اچي فوت ٿي ويو.
واهي پانڌي روڊ تي ڪم ڪندڙ پورهيت نوجوان شهباز ابڙو موٽر گريڊر مشين هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل نوجوان دادو جو رهواسي آهي، جيڪو روڊ جي تعمير ڪندڙ ڪمپني ۾ منشي طور ڪم ڪندو هو.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
