- Advertisement -
جوڊيشل ڪميشن، جسٽس رٽائرڊ طارق مسعود ۽ مظهر عالم کي سپريم ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ججن کي هڪ سال لاءِ ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعا موجب جسٽس منيب اختر طرفان ٻنهي ايڊهاڪ ججن جي نالن جي مخالفت ڪئي وئي، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظهر عالم ميان خيل جي مخالفت پڻ ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته جسٽس مظهر عالم خيل انڪار ڪري چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس رٽائرڊ سردار طارق مسعود جي نالي تي جسٽس منيب اختر کانسواءِ جوڊيشل ڪميشن جي سمورن ميمبرن اتفاق راءِ ڪيو.
ذريعن موجب جسٽس رٽائرڊ مظهر عالم ميان خيل جو نالو 3 ڀاڱي 6 جي اڪثريت سان منظور ٿيو، جڏهن ته مظهر عالم ميان خيل جي جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي مخالفت ڪئي.
سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ ججن طور چئن اڳوڻن ججن جا نالا تجويز ڪيا ويا هئا، جن ۾ 4 اڳوڻا جج جسٽس مشير عالم، جسٽس سردار طارق، جسٽس مظهر عالم ميان خيل ۽ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جا نالا شامل هئا.- Advertisement -
