تازه ترين

جي ڊي اي جو احتجاج ۽ ڌرڻو ڪنهن به اداري نه پر چونڊ نتيجن ۽ ڌانڌلي خلاف آهي : پير پاڳارو

- Advertisement -
جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته جي ڊي اي جو احتجاج ۽ ڌرڻو ڪنهن به اداري نه پر چونڊ نتيجن ۽ ڌانڌلي خلاف آهي، پيپلزپارٽي چونڊ نتيجا خريد ڪيا آهن، احتجاج سندن جمهوري ۽ قانوني حق آهي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري پيرپاڳاري سان راجا هائوس ۾ملاقات ڪئي. ملاقات دوران عام چونڊن بعد پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳاري چيو ته پاڪ فوج سندن قومي ادارو، فخر ۽ وفاق توڙي ملڪ جي استحڪام جي علامت آهي، حُر پاڪ فوج سان گڏ هئا، آهن ۽ رهندا. سندس چوڻ هو ته 16 فيبروري تي  جي ڊي اي جو احتجاج ۽ ڌرڻو ڪنهن به اداري نه پر چونڊ نتيجن ۽ ڌانڌلي خلاف آهي. پيرپاڳاري چيو ته پيپلزپارٽي چونڊ نتيجا خريد ڪيا آهن، احتجاج سندن جمهوري ۽ قانوني حق آهي. سندس چوڻ هو ته عام چونڊن ۾ ڪهڙي ريت پيپلزپارٽي کي ڌانڌلي جي کليل ڇوٽ ڏني وئي اها ڪنهن کان لڪيل ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
39 %
3.7kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون