تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جڙانوالا واقعي سڄي قوم جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو : سعيد غني

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته جڙانوالا واقعي سڄي قوم جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي، سندن مذهب ۾ مقدس هنڌن جي بيحرمتي ڪرڻ جي اجازت ناهي جيڪڏهن ڪو شخص غيرقانوني ڪم ڪري ٿو ته ڪارروائي لاءِ ادارا موجود آهن، غيرقانوني واقعي تي مقدس ڪتاب بائبل جي توهين ڪرڻ جي ڪنهن مذهب ۾ اجازت ناهي، سندن معاشري ۾ موجود ڪجهه جاهلن غلط حرڪت ڪئي آهي، پنجاب حڪومت هڪ سئو چاليهه کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.

ڪراچيءَ ۾ سينيٽر وقار مهدي ۽ سينٽ پيٽرڪ چرچ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته جڙانوالا ۾ پوليس اهو ڪردار ادا نه ڪيو جيڪو ڪرڻ گهرجي ها، هن ڪيس جي جاچ ۾ پوليس جي نااهلي به ڏسڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته هي ملڪ اقليتن جو به ايترو ئي آهي جيترو سندن جو آهي، جڙانوالا واقعي ۾ ملوث عنصرن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي، هن واقعي سندن ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي.

پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو ته سندن مذهب ڪنهن به طرح اهڙي واقعي جي اجازت نٿو ڏئي، هو سڄي دنيا ۾ پنهنجو ڪيس وڙهي رهيا هئا ته قرآن پاڪ جي بيحرمتي ٿي آهي ۽ ڪجهه عنصرن سندن ڪيس کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.

سعيد غني چيو ته چرچ تي حملو ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش آهي، پنجاب حڪومت هڪ سئو چاليهه کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
23 %
1.6kmh
100 %
اڱارو
22 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون