تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جڙانوالا ۾ قرآن پاڪ جي مبينا بي حرمتي خلاف مڇريل ماڻهن مسيحي آبادي تي ڪاهه ڪري مندرن ۽ گرجا گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

جڙانوالا ۾ قرآن پاڪ جي مبينا بي حرمتي خلاف مڇريل ماڻهن مسيحي آبادي تي ڪاهه ڪري مندرن ۽ گرجا گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، پنجاب جي نگران حڪومت واقعي اعليٰ سطح جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

فيصل آباد جي علائقي ڪرسچن ڪالوني ۽ عيسيٰ نگري ۾ مڇريل ماڻهن چئن گرجا گهرن ۽ مسيحي برادري جا ڪيترائي گهر توڙي ملڪيتون ۽ گاڏيون ساڙي ڇڏيون.

ڊپٽي ڪمشنر علي عنان قمر جو چوڻ هو ته جڙانوالا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب سموري ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، شهر ۾ حالتون معمول ۾ اچڻ تائين اهو قلم لاڳو رهندو.

نگران وزيراعظم انوارلحق ڪاڪڙ، اڳوڻي وزيراعظم شهبازشريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري، مريم نواز ۽ ٻين طرفان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

نگران وزيراعظم انوارالحق  جڙانوالا ۾ اقليتن جي ملڪيتن تي حملن جو نوٽِس وٺندي ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنجاب جي نگران حڪومت جڙانوالا واقعي جي اعليٰ سطح ي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنجاب حڪومت جي ترجمان موجب سوچيل سمجهيل سازش تحت جڙانوالا ۾ اقليتن کي نشانو بڻايو ويو، معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
27.7 ° C
27.7 °
27.7 °
13 %
4.6kmh
100 %
اڱارو
27 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون