- Advertisement -
حب ويجهو ڪار کاهيءَ ۾ ڪرڻ سبب 6 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا.
دريجي جي علائقي بهلول ۾ پنڪنگ تان موٽندڙن جي ڪار لينڊاڻي واري هنڌ تيز رفتاري سبب گهري کاهيءَ ۾ ڪري پئي.
حادثي سبب 6 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ ٻه سخت زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن پهچي لاش ۽ زخمي کڻائي ڄام غلام قادر گورنمينٽ اسپتال پهچايا ويا، جتي مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.
زخمين کي علاج لاءِ ڪراچي جي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
فوتين جا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي……..- Advertisement -
