تازه ترين

حب ۾ ايڪسائيز ۽ سامونڊي فوج جي گڏيل ڪارروائي، 8 هزار شراب بيئرز جون بوتلو، 6 سئو ڪلو گرام حشيش، 2 سئو ڪلو گرام آئس هٿ

- Advertisement -
- Advertisement -

حب ويجهو ايڪسائيز، اينٽي نارڪوٽڪس ۽ پاڪ نيوي گڏيل آپريشن ڪري وڏي تعداد ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي آهي.

ڪنڊ ملير جي سامونڊي علائقي ۾ ڪيل آپريشن ۾ 8 هزار بيئر ۽ شراب جون بوتلون، 600 ڪلوگرام چرس ۽ 200 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪئي وئي.

عملدارن موجب هٿ آيل بيئر، چرس ۽ آئيس جي عالمي منڊي ۾ 20 ارب رپيا قيمت آهي.

عملدارن موجب شراب سمنڊ رستي پاڪستان سمگل ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته منشيات سمنڊ رستي عالمي منڊي موڪلي پئي وڃي.

ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينٽي نارڪوٽڪس بلوچستان محمد زمان جو چوڻ هو ته آپريشن ڪنڊ ملير جي سامونڊي پٽي ۾ ڪيو ويو آهي، ضبط ڪيل شراب، چرس ۽ آئيس جي عالمي منڊي ۾ 20 ارب رپيا ماليت آهي.

هن چيو ته ايڪسائيز اينٽي نارڪوٽڪس پنهنجون ڪارروايون جاري رکندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
3 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
14 %
2.4kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون