تازه ترين

ملڪ جي اڌ بيورو ڪريسي پرتگال ۾ پراپرٽي وٺي چڪي آهي: خواجا آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ بيوروڪريسي پرتگال ۾ ملڪيت خريد ڪئي آهي ۽ هاڻي پرتگالي شهريت حاصل ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجه آصف چيو ته جن ماڻهن پرتگال ۾ ملڪيت خريد ڪئي آهي ۽ شهريت جي تياري ڪري رهيا آهن اهي مشهور بيوروڪريٽ آهن. هن چيو ته واڳون اربين رپيا کائي آرام واري رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته بزدار جي ويجهي عزيز بيوروڪريٽ ڌيئرن جي شادي تي 4 ارب رپيا رڳو سلامي وصول ڪري چڪو آهي. خواجه آصف چيو ته سياستدان ته انهن جو بچيل کاڌو کائيندا آهن، سياستدانن وٽ پلاٽ يا پرڏيهي شهريت ناهي ڇو ته انهن کي چونڊون وڙهڻيون پونديون آهن. بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته هي بيوروڪريسي پاڪ سرزمين کي آلوده ڪري رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
44 %
1.7kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون