- Advertisement -
حماس غزه ۾ جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ قطر ۽ مصر جي تجويزن جو جواب ڏئي ڇڏيو.
قطري وزيراعظم ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن تصديق ڪئي ته کين معاهدي جي فريم ورڪ بابت حماس کان جواب ملي ويو آهي.
قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني حماس جي جواب کي اميد جوڳو قرار ڏنو آهي.
دوحا ۾ قطري وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي انٽوني بلنڪن چيو ته هو حماس جي ردعمل جي جائزو وٺي رهيا آهن.
شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني چيو ته هو سڀاڻي اسرائيلي اختيارين سان ان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪندو، اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي پر کيس يقين آهي ته معاهدو ٿي ويندو.
هن چيو ته آمريڪا غزه ويڙهه ۾ اهڙي وقفي لاءِ پرعزم آهي جنهن سان پائيدار امن قائم ٿئي، يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ وقفو وڌائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.
قطري وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو هن نازڪ وقت ۾ معاهدي جي فريم ورڪ جا تفصيل ظاهر نٿا ڪري سگهن.- Advertisement -
