- Advertisement -
حماس وڌيڪ چئن اسرائيلي عورت فوجي اهلڪارن کي آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته غزا جنگبندي معاهدي تحت 200 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو.
عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب، حماس اسرائيلي چئن عورت فوجي اهلڪارن کي هلال احمر حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
عرب ميڊيا جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته هلال احمر جون گاڏيون يرغمالين کي کڻي رفح طرف روانيون ٿي ويون.
عالمي ميڊيا موجب، اڄ آزاد ڪيل عورت فوجي اهلڪارن ۾ ڪارينا اريئيو، ڊينيئلا گلبوه، نعما ليوي ۽ ليري الباگ شامل آهن.
ست آڪٽوبر 2023ع تي حماس جي اسرائل تي حملي وقت اهي چارئي اسرائيلي عورت فوجي اهلڪار غزا ويجهو مقرر هيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب، غزا جنگبندي معاهدي تحت هر اسرائيلي فوجي جي بدلي 50 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو، جنهن جو مطلب آهي ته اڄ 200 فلسطيني قيدين کي به آزاد ڪيو ويندو.- Advertisement -
