سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ واري فيصلي خلاف ملازمن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي خط لکي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ واري فيصلي خلاف ملازمن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي خط لکي ڇڏيو آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري جي ملازمن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج منو مل کي خط لکي بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ خلاف ڪارروائي جي اپيل ڪئي. ملازمن خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو قيام پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ۾ ٿيو هو، هن بورڊ تعليم جي ترقيءَ لاءِ مفت ڪتابن جي ورڇ جو هڪ جامع منصوبو لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. خط جي متن موجب، بورڊ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي خوابن جو به حصو هو پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هاڻي پ پ ذاتي فائدي لاءِ هن اهم تعليمي اداري کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ملازمن لکيل خط ۾ سنڌ حڪومت بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ جي فيصلي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي معزز جج کي اپيل ڪئي ته هو فوري ڪارروائي ڪري، ڇو ته حڪومتي قدم بورڊ جي مئنڊيٽ کي متاثر ڪندو ۽ آئين جي آرٽيڪل 25 اَي جي ڀڃڪڙي هوندي، جيڪا ٻارن لاءِ مفت ۽ لازمي تعليم جي ضمانت ڏئي ٿو. ملازمن خط ۾ لکيو آهي ته بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ سان ڪتابن کي واپار بڻايو ويندو، جيڪو غريب شاگردن لاءِ ناقابل پهچ بڻجي ويندو. ملازمن معزز جج کان اهو به مطالبو ڪيو ته هو سنڌ جي تعليم واري وزير کان پڇا ڪري ته بورڊ کي ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. ملازمن خط ۾ لکيو آهي ته هنن نشاندهي ڪئي ته اهو فيصلو ڪتابن ۽ ضروري مواد جي برابريءَ واري ورڇ کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿو، جيڪو جسٽس پنهور جي حڪمن ۾ بيان ڪيل شفافيت ۽ دستيابي واري مشن جي ابتڙ آهي. واضح رهي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج منو مل کي جسٽس صلاح الدين پنهور جي حڪم تحت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو مانيٽرنگ جج مقرر ڪري بورڊ ۾ شفافيت ۽ ذميواري يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون