- Advertisement -
حماس ۽ ٻين فلسطيني تنظيمن عزه کي ٽيڪنوڪريٽ ڪميٽي حوالي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
قاهره ۾ مختلف فلسطيني تنظيمن جي اجلاس کانپوءِ حماس اعلان ڪيو ته هي ملاقات قومي يڪجهتي جي بحاليءَ لاءِ هڪ جامع قومي مڪالمي جي تيارين جو حصو هئي.
حماس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطيني تنظيمن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده مرحلو هڪ قومي موقف ۽ گڏيل سياسي ويزن جي گــُھر ڪري ٿو جيڪو غزه، والاريل اولهه ڪناري ۽ بيت المقدس کي ضم ڪرڻ جي ڪوششن، ان تي قبضي يا فلسطينين جي جبري بيدخلي جي مخالفت ڪري ٿو.
بيان ۾ چيو ويو ته فلسطينين تنظيمن ڪجهه اهم نقطن تي اتفاق ڪيو جن ۾ جنگ بندي معاهدي تي عملدرآمد ۽ ان تحت سمورن قدمن کي جاري رکڻ جن ۾ غزه جي ناڪابندي ختم ڪرڻ ۽ سمورن گذرگاهن کي کولڻ شامل آهن.
فلسطيني تنظيمن غزه جي انتظاميه کي آزاد ۽ غير سياسي ٽيڪنوڪريٽس تي مشتمل هڪ عبوري فلسطيني ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
اجلاس ۾ غزه جي نئين سر تعمير لاءِ هڪ بين الاقوامي نگراني ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جيڪا مالي مدد ۽ منصوبن تي عملدرآمد جي نگراني ڪندي.
فلسطيني تنظيمن جي اجلاس ۾ غزه ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ سڀ ضروري قدم کڻڻ ۽ اسرائيلي جيلن ۾ قيد فلسطينين خلاف هر قسم جي تشدد ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.- Advertisement -
