- Advertisement -
ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاھه سکر بئراج جي غير معمولي صورتحال بابت سنڌ جي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙي کي خط لکي سخت ڳڻتيءَ ۽ خدشن جو اظھار ڪيو آھي.
ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاھه تنظيم جي ھيڊڪوارٽر حيدرآباد مان پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ته سکر بئراج سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن جو جيئاپو ۽ سنڌ جي زرعي وجود توڙي بقا جي ساهه واري رڳ آھي.
سندس چوڻ هو ته آبپاشي کاتي جي لاپرواھه، نااهل ۽ ڪرپٽ ڪامورن تاريخي ۽ اھم سکر بئراج کي ننڌڻڪو سمجھي ھٿ چراند ڪرڻ واري عمل کي هو سنڌ جي وجود ۽ مقدر سان ھٿ چراند ڪرڻ برابر سمجھن ٿا.
ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر، سيڪريٽري آبپاشي کي لکيل کليل خط ۾ وڌيڪ چيو ته ايوان زراعت سنڌ کي سکر بئراج جو 47 ھون اھم دروازو لڙھي وڃڻ ۽ 44 ھين در کي جزوي نقصان پھچن تي سخت ڳڻتي ۽ خدشو آھي ته اھم بئراج جو اھم در ڪيئن لڙھي ويو، جنھن سان سنڌ جي زراعت تي انتھائي ناڪاري اثر پوڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي.
ميران محمد شاهه، آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙو سان مخاطب ٿيندي چيو ته ايوان زراعت سنڌ جي آبادگارن جي سڀ کان وڏي تنظيم آھي، جيڪا سمجھي ٿي ته سکر بئراج جو 47 ھون دروازو لڙھي وڃڻ انتھائي غير معمولي واقعو آھي.
هن چيو ته هو انڪوائري لاءِ سيڪريٽري زراعت پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي کي رد ڪن ٿا، آبادگارن کان واقعي بابت شيون لڪايون نه وڃن ۽ نه ئي اوندھه ۾ رکيو وڃي.
ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر، سيڪريٽري آبپاشي تي زور ڀريندي چيو ته فوري طور تي سنڌ جي سمورن اسٽيڪ ھولڊرز، سنڌ جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس پاڻي ماھرن، آبپاشي کاتي جي عملدارن ۽ سمورين رجسٽرڊ آبادگار تنظيمن جو اجلاس سڏائي سکر بئراج بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وڃي.
ھن افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته سکر بئراج جو ايڏو وڏو واقعو ٿيڻ باوجود اڃا تائين سيڪريٽري آبپاشي سنڌ جي ڪنھن به اسٽيڪ ھولڊر کي گھرائي بئراج بابت نه تفصيلي بريفنگ ڏني آھي ۽ نه ئي آبادگارن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آھي.
ميران محمد شاهه، سيڪريٽري آبپاشي کي چيو ته ھو فوري طور پاڻي ماھرن ۽ آبادگار تنظيمن جو اجلاس سڏائي، ٻڌايو وڃي ته سکر بئراج جو 47 ھون دروازو ڪيئن لڙھي ويو ۽ 44 ھين دروازي کي نقصان ڪيئن پھتو، سبب ڪھڙا آھن.
ايوان زراعت سنڌ جي صدر چيو ته آبڪلاڻي جي مند ۾ بئراج جو مرمتي ڪم ٿيو يا نه ٿيو، بئراج جو دروازو لڙھڻ جي غير معمولي واقعي ۾ ڪھڙا نااھل عملدار ۽ عملو ملوث آھي سندن پتو لڳائي سخت سزائون ڏنيون وڃن.
محمد ميران شاهه چيو ته ايوان زراعت سنڌ، سکر بئراج جو 47 ھون در لڙھي وڃڻ ۽ 44 ھين در کي جزوي نقصان پھچڻ کي آبادگارن جا ارمان لڙھي وڃڻ ۽ نقصان پھچڻ برابر سمجھي ٿي، ڇو ته ھن وقت سارين جا بيڄارا، لکين ايڪڙن تي ووئڻن ۽ ڪمند جا تيار ٿيل فصل بيٺل آھن.
سندس چوڻ هو ته فصلن کي ھن وقت پاڻي جي سخت ضرورت آھي، جيڪڏھن پاڻي نه مليو ته سنڌ جي زراعت ۽ تيار فصلن کي ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان پھچندو، جنھن سان سنڌ جا آبادگار، ھاري ۽ پورھيت طبقو معاشي طور تي انتھائي سنگين حالتن کي منھن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندو.
ايوان زراعت سنڌ، صوبائي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سکر بئراج جو 47 ھون در لڙھڻ واري غير معمولي واقعي ۽ گيٽ نمبر 44 ھين کي جزوي نقصان پھچڻ جي اعليٰ سطحي انڪوائري ڪرائي، لاپرواھي ۾ ملوث آبپاشي کاتي جي سمورن عملدارن ۽ عملي جو پتو لڳائي سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، بئراج جي 47 ھين در تي ڪاپر جو بند ٻڌي فوري طور تي سنڌ جو پاڻي بحال ڪيو وڃي.- Advertisement -
