حيدرآباد عدالت اسماعيل ڏاهري کي پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جيل سپرنٽينڊنٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
حيدرآباد عدالت چرس ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري کي پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جيل سپرنٽينڊنٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. ايڊيشنل سيشن جج ٽو ڪرم الدين جوڻيجو جي عدالت ۾ٻڌڻي دوران جوابدار اسماعيل ڏاهري کي پيش نه ڪيو ويو. عدالت پاران طلب ڪرڻ باوجود اسماعيل ڏاهري کي پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جيل سپرنٽينڊنٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو. ايڊووڪيٽ فرحاد ابڙو چيو ته اسماعيل ڏاهري سان جيل ۾ ڪنهن کي به ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي، سندس ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ واري حڪم تي به عمل اڃا ناهي ٿيو. هن چيو ته جيل ۾ اسماعيل ڏاهري تي تشدد ڪيو پيو وڃي، سندس زندگي کي به خطرو آهي، پوليس اڳوڻي صوبائي صلاحڪار جي گهر مان سامان به کڻي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته خدشو آھي ته اسماعيل ڏاھري سينٽرل جيل ۾ موجود ئي ناھي، کيس نامعلوم ھنڌ منتقل ڪيو ويو آھي. عدالت سينٽرل جيل جي سپرنيٽنڊنٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي اسماعيل ڏاھري کي ايندڙ ٻڌڻي پھرين نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
38%
0.5m/s
1%
ڇنڇر
31 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون