- Advertisement -
حيدرآباد ۾ غير قانوني ترسيل افغانين شهرين خلاف مختلف علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو،پوليس ٽن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو
مارڪيٽ ۽ اي سيڪشن ٿاڻن جي پوليس جون پنهنجي حدن ۾ ڌار ڌار ڪارروايون ڪيون.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته شڪي ماڻهن کي نادرا ڊوائس ذريعي چيڪ ڪرڻ کانپوءِ 3 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل ٽنهي ڄڻن کي غير قانوني ترسيل ماڻهن لاءِ قائم هولڊنگ سيل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته حراست ۾ ورتل ماڻهن جي نادرا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان جاچ ڪئي ويندي.- Advertisement -
