سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ نينگري فاطما ڦرڙو قتل ڪيس ۾ اسد شاهه جي سهري فياض شاهه جي ضمانت ۾ واڌ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
سنڌ هائيڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ جي جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس ذوالفقار سانگي جي تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻ ڪئي.
پوليس فياض شاهه کي حفاظتي ضمانت پوري ٿيڻ بعد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فياض شاهه جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدار کي ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.


