- Advertisement -
حيدرآباد ۾ گم ڄاڻايل ڪئنيڊين شهريءَ کي پوليس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ڪئنيڊين شهري دائود رند پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ پوليس کيس اغوا ڪرڻ جي شڪ ۾ سندس هڪ دوست کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو هو.
نسيم نگر پوليس موجب دائود رند دوست جي گهر هو، جتان کيس هٿ ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته دائود رند جو ذهني توازن درست نه آهي، کيس پنهنجي گهر پهچايو ويو آهي……….- Advertisement -
