تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حڪمرانن اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿي سنڌ جي نياڻين تي ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪيا آهن: سيد زين شاهه

- Advertisement -
ايس يو پي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته حڪمرانن اقتدار جي نشي ۾ ڌت ٿي سنڌ جي نياڻين تي ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪيا آهن. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ بيان ۾ چيو آهي ته جمهوريت جي دعويدارن طرفان سياسي سماجي سرگرميون روڪڻ بدترين آمريت آهي. زين شاهه جو چوڻ هو ته حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ ۽ هيسائڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪمران آمريت مڙهڻ لاءِ ۽ سياسي سماجي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ اهڙي قسم جا ڪيس داخل ڪري سنڌ اندر سياسي ۽ سماجي سرگرمين تي پابندي مڙهي آهي. سيد زين شاھ جو چوڻ هو ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي عورت اڳواڻن جي مٿان ٿيل ايف آئي آر جي ڀرپور مذمت ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته حڪمرانن کي چتاءُ ڏيون ٿا ته سڀاڻي جيڪڏھن توھان اهڙي قسم جا بنياد وجهي سنڌ اندر سياسي سماجي سرگرمين تي پابندي مڙهي ته پوءِ اوهان جي لاءِ به ماحول بهتر نه رهندو. سيد زين شاھ جو چوڻ هو ته جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙن طرفان سياسي سماجي سرگرمين کي روڪڻ کي اهي بدترين آمريت سمجهن ٿا. زين شاهه جو چوڻ هو ته حڪمران پارٽي اقتدار جي نشي ۾ ڌُت ٿي سنڌ جي نياڻين تي ڪيس داخل ڪرڻ شروع ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته اهڙو عمل سنڌ جي روايتن جي خلاف ۽ جمهوريت دشمن عمل آهي، جنهن جي اهي ڀرپور مذمت ڪن ٿا…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.8 ° C
16.8 °
16.8 °
44 %
2.2kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون