حڪومت، سينيٽ ۾ آپريشن عزم استحڪام تي ان ڪئمرا اجلاس جي خاطري ڪرائي آهي.

- Advertisement -
حڪومت، سينيٽ ۾ آپريشن عزم استحڪام تي ان ڪئمرا اجلاس جي خاطري ڪرائي آهي. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته عزمِ استحڪام آپريشن بابت ٺهراءُ هن لڪي ته صحيح نه ڪرائي. هن چيو ته آپريشن تي هڪ ڏينهن اڳ به وضاحت اچي چڪي آهي، هن قومي اسيمبل ۾ چيو هو ته آپريشن پهريان ڪابينا پوءِ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي بند ڪمري واري اجلاس ۾ بحث هيٺ آندو ويندو. سينيٽر شبلي فراز پ  پ سيمت حڪومت طرفان سينيٽ ڪميٽين ۽ ٻين معاملن ۾ نظرانداز ڪرڻ تي خدشو جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته ايوان ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، اِهو نٿو ٿي سگهي ته اڪثريتي راءِ جي بنياد تي هڪ ٺهراءُ منظور ڪرايو ويو پر ان کي ڏٺو ئي نه ويو. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته درخواست آهي ته جيڪڏهن هن ايوان کي متوازن طريقي سان هلائڻو آهي ته هلايو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته هو مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلندا. پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي ناراضگي درست ناهي، ٺهراءَ بابت وفاقي وزير ذريعي درخواست ڪئي هئي، مخالف ڌر جي اڳواڻ سميت ٻين پارلياماني اڳواڻن کان صحيحون ڪرايون. پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙيَ چيو ته سنڌ ۾ ٻه اسپتالن بابت سفارشون ڏنيون هيون پر اهي نه اچي سگهيون. بعد ۾ اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
40%
0.6m/s
1%
سُومر
13 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
20 °

تازه ترين خبرون