- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف پروگرام کي پنهنجو پروگرام قرار ڏيندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف ڪنهن ٻئي نه پر پاڪستان جو پنهنجو پروگرام آهي، حڪومتي قدمن سان معاشي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي.
هن چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 9 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، وزيراعظم جي قيادت ۾ معيشيت جي بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته عالمي مالياتي ادارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌي رهيو آهي، آءِ ايم ايف وفد کان ڪا شي لڪيل ناهي، معيشيت جي بهتري لاءِ مقرر هدف حاصل ڪيو ويندو.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته سمورن شعبن ۾ سڌارن جو عمل به جاري آهي، آءِ ايم ايف چيو آهي ته 14 مهينن ۾ خسارو سرپلس ۾ آڻڻ بهتر عمل آهي.
هن چيو ته ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، حڪومت کي رائيٽ سائيزنگ ڪرڻي آهي، حڪومت سان پلان شيئر ڪيو ويندو.
محمد اورنگزيب چيو ته چئن صوبن جي وڏن وزيرن معيشيت جي بهتري لاءِ سهڪار جو يقين ڏياريو آهي، معيشيت جي بهتري لاءِ سمورن شعبن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي جو چئلينج آهي، موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.- Advertisement -
