تازه ترين

حڪومتي موقف سچ ۽ علي امين گنڊاپور جي اغوا جو ڪوڙ وائکو ٿي ويو آهي:عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  عطا تارڙ چيو آهي ته حڪومتي موقف سچ ۽ علي امين گنڊاپور جي اغوا جو ڪوڙ وائکو ٿي ويو آهي. ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي 24 ڪلاڪن بعد ظاهر ٿيڻ تي وفاقي وزير عطا تارڙ هڪ بيان ۾ چيو ته بنيادي سوال آهي ته علي امين گنڊاپور 24 ڪلاڪ ڪٿي هو؟ ٻڌائڻو پوندو ته علي امين گنڊاپور اِهو ڊرامو ڇو گهڙيو؟ هن وڌيڪ چيو ته علي امين گنڊاپور هڪ غير ذميوار شخص آهي، هو پنهنجن ساٿين کي ڇڏي ڀڄي ويو هو، هن ريسٽ هائوس ۾ پناهه ورتي ۽ پوءِ فرار ٿي ويو. ان کان اڳ عطا تارڙ جو چوڻ هو ته علي امين گنڊاپور خيبرپختوانخوا هائوس مان روپوش ٿي ويو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته مظاهرو ڪندڙن شهيد اهلڪار حميد شاهه کي اغوا ڪري مارڪٽ ڪئي، حڪومت سندس قرباني ضايع ٿيڻ نه ڏيندي، سندس قاتلن کي انجام تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته ملڪ ۾ معيشيت مستحڪم ٿي آهي ۽ هي ملڪ کي ڊي ريل ڪرڻ چاهين ٿا، پوري دنيا پاڪستان جي پاليسين جي اعتراف پئي ڪري، انهن پهريان به آءِ ايم ايف کي خط لکيو ۽ هاڻي به وڌيڪ نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. عطا تارڙ چيو ته احتجاج لاءِ ماڻهن کي اسلام آباد آڻڻ وارو گنڊاپور هاڻي ڪيڏانهن ويو،؟ پنهنجي ماڻهن کي ڇڏي ڊڄڻو شخص لڪي ويو آهي، سندس احتجاج جو سڏ سمجهه کان ٻاهر آهي، ڪي پي جي وڏي وزير جو مقصد لاش ڪيرائڻ هو، ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ اهڙي طرح جا قدم کنيا وڃن ٿا. هن چيو ته ڪو سياسي ليڊر پاڪستان کان وڌيڪ اهم نه آهي، هي سياسي مفادن لاءِ قومي مفادن کي نقصان پهچائن ٿا، قومي مفادن سان کيڏڻ پي ٽي آءِ جي تاريخ رهي آهي. سندس چوڻ هو ته حالتون معمول طرف اچي رهيون آهن، معاشي عدم استحڪام جي ڪوشش ٻيهر ناڪام ٿي وئي آهي، انهن کان نيوٽرل آرمي چيف هضم نٿو ٿئي، پي ٽي آءِ جي تاريخ رهي آهي ته جيڪو ماڻهو انهن جو ساٿ نه ڏئي ته سندس خلاف پروپئگنڊا شروع ڪري ڇڏيندا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون