- Advertisement -
پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي پاڪستان تحريڪ انصاف کي سول نافرماني جي تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ محمود خان اچڪزئي چيو ته حڪومت سان ڳالهيون وقت جي اهم ضرورت آهي، پي ٽي آءِ کي اپيل آهي ته اها سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪري.
هن چيو ته پي ٽي آءِ کي صلاح ڏني آهي ته ڳالهين ۾ طئه ٿيڻ گهرجي ته حڪومت ڪڏهڻ هٽندي؟ ڳالهين سان مسئلن جو حل نڪري ته ان کان وڌيڪ بهتر ڪا به ڳالهه ناهي.
محمود خان اچڪزئي چيو ته جيڪڏهن ڳالهين ذريعي مسئلا حل نٿا ٿين ته تحريڪ هلائڻي پوندي.
پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه چيو ته ڳالهين جي ڪاميابي جي صورت ۾ هو چئن مهينن ۾ چونڊن جو مطالبو ڪري ٿو.- Advertisement -
