تازه ترين

حڪومت طرفان پيش ڪيل اقتصادي سڌارن تي ٻڌل معاشي گورننس جي پاليسي تي سمورين وزارتن طرفان مضبوط عمل اڻٽر آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت طرفان پيش ڪيل اقتصادي سڌارن تي ٻڌل معاشي گورننس جي پاليسي تي سمورين وزارتن طرفان مضبوط عمل اڻٽر آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ نئين سال جي پهرين ڏينهن معاشي سڌارن، سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير احسن اقبال، عطا تارڙ، علي پرويز ملڪ، احد خان چيما ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت طرفان پيش ڪيل اقتصادي سڌارن تي ٻڌل معاشي گورننس جي پاليسي تي سمورين وزارتن طرفان مضبوط عمل اڻٽر آهي. وزيراعظم سمورين وزارتن کان عملي قدمن ۽ گهٽ کان گهٽ مدي تي ٻڌل جامع حڪمت لاءِ تجويزون طلب ڪري ورتيون. شهباز شريف هدايت ڪندي چيو ته سموريون وزارتون پنهنجي شعبن سان لاڳاپيل ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن توڙي ترقياتي منصوبن لاءِ سفارشون جلد کان جلد ترتيب ڏين. هن چيو ته سيڙپڪارن جي آساني لاءِ انتظامي سهولتون حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ لاڳاپيل وزارتون سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ذريعي پرڏيهي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ سهڪار ڪن. شهباز شريف چيو ته وزاتون سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ صنعتي پيداوار، زراعت ۽ ٻين سمورن اهم شعبن تي هڪ جهڙو ڌيان ڏين.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.1 ° C
22.1 °
22.1 °
39 %
4.4kmh
100 %
اڱارو
23 °
اربع
32 °
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون