تازه ترين

حڪومت ٽيڪس نيٽ وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، پنهنجا خرچ گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن : محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس نيٽ وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، پنهنجا خرچ گهٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. چيني ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام لاءِ سڌارن واري ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن ۽ آءِ ايم ايف سميت ٻين عالمي ادارن سان ڳالهيون مثبت رهيون آهن، هو مختلف عالمي ادارن جي سهڪار سان ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته چين هميشه پاڪستان جي ترقي جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته سي پيڪ چين جو شاندار ۽ مثالي منصوبو آهي. ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چين جي ناڻي واري وزير لان فوان سان ملاقات ڪري پاڪستان ۾ چيني شهرين تي دهشتگرد حملي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هو آءِ ايم ايف سان پروگرام لاءِ چين جي سهڪار جو منتظر آهي، سي پيڪ جو پهريون مرحلو انفراسٽرڪچر جي تعمير سان لاڳاپيل آهي ۽ سي پيڪ جو ٻيو مرحلو اسپيشل اڪنامڪ زونز جي آپريشنلائيزيشن هوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
22.3 ° C
22.3 °
22.3 °
43 %
0.3kmh
49 %
اڱارو
31 °
اربع
35 °
خميس
28 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون