- Advertisement -
وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي، ناڻي واري وزارت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.
ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 45 پئسا گهٽتائي کانپوءِ نئين قيمت 288 رپيا 49 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 42 پئسا في لٽر گهٽتائي کانپوءِ قيمت 281 رپيا 96 پئسا في لٽر ٿي ويندي.
نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ 8 رپيا 74 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 63 پئسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
پيٽرول ۽ ڊيزل تي 60، 60 رپيا في لٽر ليوي برقرار آهي.
ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوان اگهه 15 مئي تائين لاڳو هوندا.- Advertisement -
