تازه ترين

حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين دور تي ڊيڊ لاڪ برقرار

- Advertisement -
حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين دور تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ آهي ته ڳالهين لاءِ اجلاس گهرائڻ بابت حڪومت يا مخالف ڌر ڪو رابطو نه ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جي ڪميٽي جي باني سان ملاقات حڪومت کي ڪرائڻي آهي، سندس ذميواري ناهي، حڪومت ۽ اتحادي فيصلو ڪن ته ملاقات ڪرائڻي آهي يا نه ڪرائڻي آهي، ڌريون راضي ٿين ته هڪ ٻن ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ لاءِ تيار آهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڳالهين بابت بيان ۾ اياز صادق چيو ته ڳالهين واري ڪميٽين جي اجلاس گهرائڻ بابت حڪومت يا مخالف ڌر ڪو رابطو نه ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جي تحريڪ انصاف باني سان ملاقات حڪومت کي ڪرائڻي آهي، اها سندس ذميواري ناهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته حڪومت ۽ اتحادي فيصلو ڪن ته ملاقات ڪرائڻي آهي يا نه ڪرائڻي آهي، ڌريون راضي ٿين ته هڪ ٻن ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته چار جنوري تي اسد قيصر سان ٽيليفونڪ ڳالهين ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته تحريڪ انصاف باني سان ملاقات جو مطالبو حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته تحريڪ انصاف اڳواڻ، راڻا ثناءُ الله ۽ حڪومت جي عملدارن سان سڌي ريت ڳالهيون ڪري سگهن ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
8 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون