تازه ترين

حڪومت ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم کي بجيٽ منظوري ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي

- Advertisement -
حڪومت ۽ پيپلزپارٽيءَ وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، پ پ چيئرمين بلاول وزيراعظم کي بجيٽ منظوري ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي، جڏهن ته معاملن جي حل لاءِ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. وزيراعظم شهبازشريف سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي سربراهيءَ ۾ پ پ جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، سيد خورشيد شاهه، نويد قمر ۽ شيري رحمان شامل هئا. جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو يوو ته وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ وچ ۾ ملاقات دوران قومي توڙي سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته وفاقي بجيٽ بابت پ پ  سان صلاح مشورا ڪيا ويا. وزيراعظم جو چوڻ هو ته معيشت بابت سٺا انک اکر اچي رهيا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي تيزي ڪاروباري طبقي طرفان بجيٽ جي منظوري آهي. شهبازشريف چيو ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي توڙي عوامي ترقي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهوءَ کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ملاقات دوران اتفاق ڪيو ويو ته ڪميٽين ذريعي وڌيڪ صلاح مشورا جاري رکيا ويندا. ملاقات ۾ اياز صادق، اسحاق ڊار، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطا تارڙ، راڻا ثناءُ الله ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شهبازشريف وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي به سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب بلاول وفاقي بجيٽ ۾ پ پ کي اعتماد ۾ نه وٺڻ جو معاملو وزيراعظم آڏو رکيو. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽيءَ معاهدي تحت حڪومت جي حمايت ڪئي پر حڪومت ان تي عمل نه ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  پنجاب حڪومت صوبي ۾ پ پ جي رستا روڪ ڪري رهي آهي. وزيراعظم شهبازشريف بلاول جي اڪثر نقطن تي اتفاق ڪري ورتو. شهبازشريف معاملن جي حل لاءِ ڪميٽيون جوڙي ورتيون آهن، پ پ ۽ حڪومتي ڪميٽيون ملاقات ڪري معاملا اڳتي وڌائينديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32.9 ° C
32.9 °
32.9 °
8 %
3kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون