- Advertisement -
خانپور مهر ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو.
سومر موري واري علائقي ۾ هٿياربندن ڳوٺ ويندڙ ٻن ڀائرن امتياز ۽ اعجاز ملڪ کي روڪي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري امتياز ملڪ کي زخمي ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
زخمي شخص کي خانپور مهر اسپتال منتقل ڪيو ويو.- Advertisement -
